سيف الله ابڙو

سيف الله ابڙو

سيف الله ابڙو

سيف الله ابڙو: ضلعي لاڙڪاڻي جو نامور سياسي ۽ سماجي اڳواڻ الله ابڙو'>سيف الله ابڙو 20 ڊسمبر 1969ع تي ڳوٺ اگهم 2 وسند شاخ تعلقي رتيديري جي هڪ غريب گھراڻي ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو قلندربخش آهي. هن 1991ع ۾ مهراڻ يونيورسٽي ڪاليج آف انجنيئرنگ نوابشاهه مان سول انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي، بعد ۾ سب انجنيئر جي نوڪري ڪئي، چئن سالن تائين ايمانداريءَ سان ذميواريون نڀايائين. بعد ۾ نوڪريءَ تان استعيفا ڏئي سماجي ڪمن ۾ حصو وٺڻ لڳو. هن 2004ع ۾ سچل اتحاد جي نالي سان هڪ سماجي تنظيم جو بنياد وڌائين ۽ تنظيم جي پليٽفارم تان ڪيترن غريبن ۽ ضرورتمندن جي سهائتا ڪري رهيو آهي. ڪيترن ئي غريب ۽ بي سهارا ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ، انهن جي لاءِ يونيفارم ۽ ڪتاب وغيره جو بندوبست ڪرڻ، ان کان علاوه هن وقت بوقت پنهنجي ذاتي خرچ تي ڪيترن ئي غريب نياڻين جون شاديون پڻ ڪرايون آهن ۽ پڙهيل لکيل نوجوانن کي ننڍا ننڍا قرض ڏئي ڪاروبار کولي ڏيندو آهي. ان کانسواءِ رتيديري شهر ۾ پاڻ هڪ ميڊيڪل ڊسپينسري قائم ڪرايائين ۽ ايمبولينس وغيره به پنهنجي ذاتي خرچ تي وٺي ڏنائين. ڪيترن ئي گھرن ۾ صاف پاڻيءَ جا نلڪا ۽ ڪيترن ئي غريب ماڻهن کي رهڻ لاءِ گھر پڻ ٺهرائي ڏنائين.
سيف الله ابڙو سياست ۾ به حصو وٺندو رهيو آهي. 2010ع وارين ملڪگير ٻوڏ دوران به هن لاڙڪاڻي ضلعي جي سڀني ٻوڏ ستايلن ۾ امداد تقسيم ڪئي. پاڻ ڳوٺ اگهم 2، وسند شاخ، تعلقي رتيديري ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ سيف الله ابڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.12.20  عيسوي

ضلعي لاڙڪاڻي جو نامور سياسي ۽ سماجي اڳواڻ سيف الله ابڙو 20 ڊسمبر 1969ع تي ڳوٺ اگهم 2 وسند شاخ تعلقي رتيديري جي هڪ غريب گھراڻي ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابو دلف
شاهه رخ مرزا ترخان
راجا رام موهن راءِ
رميش مهتا
حسين شهيد سهروردي
بهرام سھراب رستم جي
ڄام اوڍو
حڪيم محمد صادق راڻيپوري
راما ٻائي
آشا درگاپوري
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون